پنجاب حڪومت جو ساک متاثر ڪرڻ بابت قانون لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب حڪومت جي ساک متاثر ڪرڻ بابت قانون کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو.
ايڊووڪيٽ نديم سرور ذريعي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ وزيراعليٰ ۽ گورنر پنجاب کي پرنسپل سيڪريٽري ذريعي ڌر بڻايو ويو آهي.
ان کانسواءِ پنجاب حڪومت کي به درخواست ۾ ڌر بڻايو ويو آهي.
موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ساک متاثر ڪرڻ وارو قانون آئين ۽ قانون جي ابتڙ آهي، ساک متاثر ڪرڻ بابت آرڊيننس ۽ ساک متاثر ڪرڻ بابت ايڪٽ جي موجودگي ۾ نئون قانون نٿو ٺهي سگهي، هن قانون ۾ صحافين سان مشاورت نه ڪئي ڪئي وئي.
عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته قانون کي ڪالعدم قرار ڏئي عملدرآمد روڪيو وڃي…..
Punjabgovt DefamationAct2024 LHC

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.