ڪراچي (ويب ڊيسڪ) امتحان ڏيڻ دوران جڏهن هڪ شاگردياڻي جي طبيعيت خراب ٿي ته ريسڪيو رضاڪارن کي طلب ڪيو ويو ۽ هڪ عورت اهلڪار ان وقت تائين شاگردياڻي کي ڊرپ لڳائي بيٺل رهي جيستائين هن پنهنجو پيپر مڪمل نه ڪيو.
شاگردن کي اسپتال منتقل ڪرڻو هو پر سندس پيپر به ضايع نه ڪرڻو هو تنهن ڪري ڪلاس روم ۾ ئي فوري طبي امداد طور ڊرپ لڳائي وئي هئي.
بيمار شاگردياڻي بهاولپور جي امتحاني مرڪز ۾ ڊپلوما آف ايسوسيئيٽ انجنيئرنگ جو امتحان ڏئي رهي آهي.
pakistanexames rescuestaff