”گذريل ميچ هارائڻ جو مطلب اهو ناهي ته پاڪستان ايندڙ ميچ به هارائيندو“

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما چيو آهي ته توڙي جو پاڪستان گذريل ميچ هارائي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اهي ايندڙ ميچ به هارائيندا.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سڀاڻي وڏي مقابلي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.
ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما آمريڪا هٿان پاڪستان جي شڪست تي چيو ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ائين ٿيندو رهندو آهي، ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان زمبابوي کان به هارائي ويو هو پر ان باوجود پاڪستان فائنل ۾ پهتو.
هن چيو جيڪڏهن انهن گذريل ميچ هارائي آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اهي ايندڙ ميچ هارائيندا يا خراب کيڏيا.
سندس چوڻ هو ته اسان کي ان تي فوڪس ڪرڻ گهرجي ته سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻي آهي، مان پنهنجي ٽيم کي به راند تي ڌيان ڏيڻ جو چئي رهيو آهيان.

rohitsharma pakvsind pakistancricketteam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.