ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پرائيويٽ ڪمپنين ۾ ڀرتي ٿيندڙ سيڪيورٽي گارڊن جو انگ پوليس کان به وڌيڪ نڪتو.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ انڪشاف ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ سيڪيورٽي گارڊن جي فورس پوليس کان به وڌيڪ آهي، پوليس اهلڪارن جو انگ 44 هزار 436، جڏهن ته سيڪيورٽي گارڊن جو انگ 50 هزار کان به وڌيڪ آهي.
ڪراچي ۾ سيڪيورٽي گارڊن جي غفلت سان شهري مارجڻ جي معاملي تي آءِ جي سنڌ جو واضح موقف سامهون اچي ويو، هن چيو ته غير تصديق ٿيل سيڪيورٽي ڪمپنين کي بند ٿيڻ گهرجي، رجسٽرڊ ڪمپنين جو انگ 200 جي لڳ ڀڳ آهي، اهو گهرو کاتي جي اختيارن جي دائري ۾ اچي ٿو، ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪمپنين خلاف گهرو کاتي کي لکنداسين.
هن چيو ته پوليس جو ڪردار رڳو قانوني آهي، قانون جي ڀڃڪڙي کانپوءِ ئي ايڪشن وٺندي آهي، اڳ ۾ ڪو به شخص وڃي سيڪيورٽي ڪمپني ۾ ڀرتي ٿي ويندو هو، اسان سيڪيورٽي ڪمپنين کي پنهنجي سافٽ ويئر تائين پهچ ڏني ۽ پوليس جي مدد سان ڪيترن ئي ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سيڪيورٽي ايجنسين جي وفد سان ملاقات ٿي هئي، انهن کي پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊن جي ڀرتي کان اڳ حڪمت عملي ٺاهڻ جو چيو، جڏهن ته سيڪيورٽي گارڊن جي تربيت جي حوالي سان سنڌ پوليس به پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.
آءِ جي سنڌ چيو ته نجي سيڪيورٽي ڪمپنيون حفاظتي هٿيارن جي نمائش تي پابندي کي يقيني بڻائين، تربيت ۽ فٽنيس نه هجڻ سان اهڙا واقعا ٿين ٿا، غير تربيت يافته شخص کي هٿيار ڏنا ويندا آهن، صوبائي گهرو کاتي کي اهڙين ڪمپنين خلاف ايڪشن لاءِ لکنداسين.
igsindh ghulamnabimemon ppp