بشريٰ بي بي عدت ڪيس ۾ سزا معطلي جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بشريٰ بي بي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عدت ڪيس ۾ سزا معطلي جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.
بشريٰ بي بي عدالت مان سزا معطل ڪري ضمانت تي آزادي جي استدعا ڪئي آهي.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت 3 فيبروري جي سزا جو فيصلو معطل ڪري ضمانت تي آزادي جا حڪم جاري ڪري، استغاثه تضاد سان ڀرپور ڪمزور ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيا.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته هنن ثبوتن جي بنياد تي سزا نٿي ٻڌائي سگهجي، ٽرائل ڪورٽ طرفان ڏنل سزا برقرار نٿي رهي سگهي، بشريٰ بي بي کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ لاءِ جيل ۾ بدترين حالتن ۾ رکيو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سزا معطلي جي درخواست جلد اڪلائي وڃي.
پي ٽي آءِ باني جي زال بشريٰ بي بي بيريسٽر سلمان صفدر ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ م درخواست داخل ڪئي….

BushraBibi IHC iddatcase

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.