نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نيو يارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز پهتو جتي هن سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ گڏيل قومن ۾ امن مشن ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل اپائن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
گڏيل قومن جي امن مشن لاءِ پاڪستان جي مشن جو انگ وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته گڏيل قومن جي دهشتگردي جي خاتمي واري فورس جي يونٽ جي قيام بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
محسن نقوي جو چوڻ هو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هر اول جٿي جو ڪردار ادا ڪيو آهي، سي ٽي ڊي فورس لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪنداسين.
هن چيو ته پاڪستان جي پوليس ۾ عورت آفيسرن جي انگ ۾ واڌ ٿي آهي.
ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته عورت پوليس آفيسر بهتر پوليسنگ ڪنديون آهن، عورت پوليس آفيسرن بابت به يقيني غور ڪيو ويندو.
Mohsin Naqvi UNSecretaryGeneral AntónioGuterres