سعودي عرب ۾ ترسيل پاڪستانين گذريل مهيني 81 ڪروڙ ڊالر ملڪ موڪليا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان مئي 2024ع جي ترسيلات زر جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.
اسٽيٽ بينڪ موجب مئي ۾ پرڏيهي ملڪ ترسيل پاڪستانين 3.24 ارب ڊالر پاڪستان موڪليا، مئي 2024ع جي ترسيلون اپريل جي مقابلي ۾ 43 ڪروڙ ڊالر وڌيڪ آهن.
ترسيلون گذريل مئي جي مقابلي ۾ 54 سيڪڙو وڌيڪ رهيو ۽ سعودي عرب ۾ ترسيل پاڪستانين مئي ۾ 81.9 ڪروڙ ڊالر پاڪستان موڪليا.
هلندڙ مالي سال جي 11 مهينن جون ورڪرز ترسيلات 27.09 ارب ڊالرز رهيون، جيڪي مالي 2023ع جي 11 مهينن 7.7 سيڪڙو وڌيڪ آهن.
اسٽيٽ بينڪ موجب گڏيل عرب امارتن کان جولائي 2023ع کان مئي 2024 دوران 4.88 ارب ڊالر موڪليا ويا، جڏهن ته برطانيا کان 4 ارب، آمريڪا ۽ يورپ کان 3.2 ارب ڊالر پاڪستان آيا، جڏهن ته ٻين خليجي ملڪن کان 2.8 ارب ڊالر پاڪستان شفٽ ٿيا.

Pakistan Dollors StateBank

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.