حڪومت کي عوام کي هڪ ٻيو رليف ڏيڻ جي تياري ڪري ورتي آهي، جنهن ذريعي پيٽروليم اگهن جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ متوقع آهي.
ذريعن موجب عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمت 5 ڊالر 14 سينٽ جي لاٿ ٿيڻ سان پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 12 رپيا في ليٽر گهٽتائي جا امڪان آهن.
ذريعن ٻڌايو آهي ته عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 89 ڊالر في بيرل سطح تي اچي چڪي آهي.
اهڙي ريت عالمي منڊي ۾ ڊيزل چار ڊالر جي گهٽتائي بعد 93 ڊالر 88 سينٽ تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي.
Petrol Pakistan govt