اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) پاڪستان کان ايندڙ مالي سال جو ٽئڪس هدف 12 هزار 9 سئو ارب رپيا مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، ايندڙ مالي سال ايف بي آر کي 3 هزار 490 ارب رپين جي ٽئڪس اوڳاڙي ڪرڻي پوندي ڇو ته آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال جو ٽئڪس هدف 12 هزار 900 ارب رپيا مقرر ڪرڻ ۽ انڪم ٽئڪس جمع ڪرڻ وارن جو انگ ٻيڻو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ذريعن اِهو به چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته انڪم ٽئڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ وارن جو انگ 30 لک مان وڌائي 60 لک ڪيو وڃي ۽ واپارين کي هر صورت ۾ انڪم ٽئڪس نيٽ ۾ آندو وڃي.
ذريعن موجب، ايندڙ سال جو ٽئڪس هدف حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جي ٽئڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ زرعي شين، ٻڄ، ڀاڻ، ٽريڪٽر ۽ ٻئي سامان تي مڪمل سيلز ٽئڪس لاڳو ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته خوراڪ، دوائن، اسٽيشنري تي ڏهه سيڪڙو سيلز ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي، جڏهن ته ٽئڪس هدف حاصل ٿيڻ ۾ پيش ايندڙ ڏکيائين تي سيلز ٽئڪس جي شرح هڪ کان ٻه سيڪڙو وائڻ جي تجويز آهي.
Prev Post
You might also like