آءِ فون 16 پروميڪس ڪيئن هوندي؟ تصوير سامهون اچي وئي

ايپل جا نوان آءِ فون ماڊلز هونئن ته سيپٽمبر ۾ متعارف ڪرايا ويندا پر انهن جي حوالي سان ليڪس جي سلسلو جاري آهي.
هاڻي هڪ نئين ليڪ ۾ آءِ فون 16 پروميڪس جي امڪاني ڊيزائن جي جهلڪ ۽ ڊسپلي جي تفصيل سامهون آئي آهي.
هڪ ايڪس واهپيدار آءِ فون 16 پروميڪس جا تفصيل پوسٽ ڪيا.
انهن تفصيلن موجب آءِ فون 16 پروميڪس جي فرنٽ ڊسپلي ۾ ڪنارن جي پٽي يا بيزل سمورن سمارٽ فونز جي مقابلي ۾ سڀ کان گهٽ هوندا.
ليڪ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آءِ فون 16 پروميڪس ۾ بيزل جو حجم 0.06 انچ کان به گهٽ هوندو.
آءِ فون 16 پروميڪس ۾ 6.9 انچ ڊسپلي ڏنو ويندو، جيڪو گذريل سال جي ماڊل کان 2 انچ وڏو هو.
ٻئي پاسي اهو ٻڌايو ويو آهي ته نئون آءِ فون 15 پروميڪس جي مقابلي ۾ 4 گرام وزني هوندو.

Iphone15promax leaks Apple

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.