سهڻو نظر اچڻ سان ڪو ڪامياب ناهي ٿي ويندو: روبينا اشرف

پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي سينئر اداڪارا روبينا اشرف جو چوڻ آهي ته صرف خوبصورت نظر اچڻ سان ڪاميابي ناهي ملندي، سٺو ڪردار بڻجڻ لاءِ ڪنهن به ڪردار کي حقيقت وانگي پيش ڪرڻو هوندو آهي.
روبينا اشرف تازو ئي هڪ ويب شو ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن نوجوان اداڪارائن کي انڊسٽري ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اهم مشورو ڏنو.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪو اداڪارا پنهنجي ڪردار کي حقيقت وانگي پيش نٿو ڪري سگهي ته ان جو مطلب هو بطور اداڪار ناڪام ٿي ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته سينئر اداڪار گهر جي بزرگن وانگر هوندا آهن، ڇو ته اسان وٽ اداڪاري سکڻ لاءِ تربيت ناهي ڏني ويندي، پر جيڪو فيلڊ ۾ ماڻهو اسانکي سيکاريندا هئا اهي اسان جا سينئر هئا ۽ هاڻ اسان پنهنجن جونيئرز کي سيکاريندا آهيون.

Pakistan Drama Industry

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.