واٽس ايپ، ٽيلي گرام ۽ ٻين ميسجنگ ايپس وانگي هاڻ گوگل جي ميسيجز کي ايڊٽ ڪرڻ جو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.
ڪمپني طرفان اهڙي فيچر جو اعلان ڪجهه ڏينهن پهريان ڪيو ويو هو، اهو فيچر رچ ڪميونڪيشن سروسز جي ميسيجز تي ڪم ڪندو.
آر سي ايس ذريعي اينڊرائڊ اسمارٽ فون واهپيدارن کي موڪليا ويندڙ ميسيج 15 منٽ اندر ايڊٽ ڪري سگهبا.
ان فيچر کي استعمال ڪرڻ به آسان آهي، ان لاءِ موڪلي ويندڙ ميسيجز کي دٻائي مٿان نظر ايندڙ آپشنز ۾ موجود ايڊٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪيو.
ائين ڪرڻ سان ميسيج جو ٽيڪسٽ ايڊٽ ڪرڻ جو آپشن سامهون ايندو ۽ ميسيجز کي ايڊٽ ڪري سينڊ بٽڻ تي ڪلڪ ڪيو.
Google Meta Facebook