ورلڊ ڪپ جي مها دنگل کان اڳ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر گرين شرٽس کي خبردار ڪري ڇڏيو

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ ڪامينٽيٽر سنجي منجريڪر پاڪ-ڀارت ميچ کان اڳ گرين شرٽس کي خبردار ڪري ڇڏيو.
نوَ جون تي نيويارڪ جي نسائو ڪائنٽي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شيڊيول روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.
ٽورنامينٽ جي مهادنگل کان اڳ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر سنجي منجريڪر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پِچ سريلنڪا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي جهڙي ميچ جهڙو ورتاءُ ڪيو ته ڀارتي ٽيم کي پاڪستان تي سرسي حاصل ٿي ويندي.
هن دليل ڏيندي چيو ته سلو آئوٽ فيلڊ ۽ مشڪل پِچ تي ڀارت جي بيٽنگ لائين وڌيڪ مضبوط آهي اتي پاڪستاني بيٽرن کي پريشاني ٿي سگهي ٿي.
سنجي منجريڪر چيو ته پاڪستان جي بالنگ اٽيڪ ڀارت جي مقابلي ۾ عالمي سطح جي بيٽنگ لائين لاءِ خطرناڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.