ٽنڊو الهيار (رپورٽر) ٽنڊي الهيار ۾ چوري جي الزام هيٺ گرفتار ٻارن جو هيل تائين ڪو به وارث ظاهر نه ٿيو، جنهن سبب پوليس کين ايڌي سينٽر موڪلڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ٽنڊي الهيار ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ چوري جي الزام ۾ گرفتار ڪيل 3 ٻار پوليس جي حراست ۾ آهن.
پوليس موجب برڪت جي عمر 8 کان 9 سال، عظيمان جي عمر 6 کان 7 ۽ ڪريمان جي عمر 3 کان 4 سال آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ دڪاندار فون ڪري ٻارن جي چوري بابت آگاهه ڪيو هو.
پوليس ٻڌايو ته ٻار جيڪي وارثن جو فون نمبر ڏئي رهيا آهن، اهو مسلسل بند وڃي رهيو آهي، جڏهن ته انهن جو اڃا تائين ڪو وارث به ظاهر ناهي ٿيو.
پوليس وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن انهن جا وارث ظاهر نه ٿيا ته کين ايڌي سينٽر حوالي ڪيو ويندو.
ٽنڊو الهيار: چوري جي الزام هيٺ گرفتار ٻارن جا وارث ظاهر نه ٿيا، ايڌي سينٽر موڪلڻ تي غور
You might also like