لياري ندي هجي يا ملير ندي ان کي گرين زون بڻائينداسين: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته لياري ندي هجي يا ملير ندي ان کي گرين زون بڻائينداسين، جاءِ ۽ ٻوٽا ڏينداسين، اڄ کان ئي وڻڪاري مهم شروع ڪنداسين.
ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ماحولياتي تبديلي سڀني تي اثرانداز ٿي رهي آهي، ڪجهه شرارتي عنصر وڻ وڍي ڇڏيندا آهن.
هن چيو ته ڪو ٻئي هنڌان اچي ملڪ ٺيڪ نٿو ڪري سگهي، اسان کي پاڻ محنت ڪرڻي پوندي، وڻ پوکڻا پوندا، فيصلو ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اسان پاڻ ملڪ کي ٺيڪ ڪنداسين.

mayorkarachi murtazawahab ppp

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.