سلمان خان کي مارائڻ لاءِ ٻارن کي تربيت ڏيڻ جو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اسٽار سلمان خان کي نشانو بڻائڻ لاءِ ٻارن کي استعمال ڪرڻ جي منصوبي جو انڪشاف ٿيو آهي.
ڀارتي ميڊيا جي ذريعن موجب اداڪار کي قتل ڪرڻ لاءِ لارنس بشنوئي ۽ گولڊي برار گينگ ٻارن کي ڀرتي ڪيو آهي.
ممبئي پوليس گرفتار ڪيل جوابدارن سان جاچ دوران گينگسٽرز جي ڪيترن ئي منصوبن جي معلومات حاصل ڪري ورتي آهي.
پوليس ذريعن موجب مبينا وڊيو ڪالز ۾ لارنس بشنوئي ۽ گولڊي برار گينگ طرفان سلمان خان تي حملي لاءِ ٻارن جي استعمال جون شاهديون مليون آهن.
واضح رهي ته بالي ووڊ سپر اسٽار کي ڪيترائي ڀيرا قتل جون ڌمڪيون ملي چڪيون آهن ۽ گذريل مهيني ان کي گهر ۾ فائرنگ جو واقعو به پيش آيو هو.

Salmankhan Bollywood India

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.