اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندڙن لاءِ سٺي خبر آهي ته اسلام آباد ۾ اليڪٽرڪ بسون پهچڻ شروع ٿي ويون، 160 مان 30 اليڪٽرڪ بسون پاڪستان پهچي ويون آهن.
اليڪٽرڪ بسون پاڪستان پهچڻ کانپوءِ شهرين کي جديد ۽ معياري سفري سهولتون فراهم ٿي سگهنديون، ڪراچي مان 8 بسون اسلام آباد، جناح ڪنوينشن سينٽر چارجنگ پوائنٽ تي پهتيون.
22 بسون سڀاڻي تائين اسلام آباد پهچنديون، شروعاتي طور تي 30 بسون ٻن روٽن تي هلايون وينديون.
بس سروس صبح 6 وڳي کان رات 10 وڳي تائين هوندي، سي ڊي چيئرمين چيئرمين جي هدايت تي معذور ماڻهن، شاگردن ۽ ٻين کي سبسڊي ڏيڻ لاءِ طريقي ڪار واضح ڪيو ويندو.
islamabad newbuses pakistan