نواب شاھه (پ ر) شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظير آباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان اهم پيغام جاري ڪيو آهي.
هن ماحوليات جي عالمي ڏينھن جي حوالي سنڌ جي ماڻھن ۽ خصوصي طور تي شاگردن کي پنھنجي پيغام ذريعي اھا آگاھي ڏني آھي ته اھي سنڌ جي ماحولياتي معاملن تي ڌيان ڏين، وڌ کان وڌ وڻ پوکين ۽ دنيا ۾ معيشت ۽ سماج جي تيز ترقي، توانائي جي بچت ۽ خرچ ۾ گهٽتائي جي تصور کي اپنائين.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏھن اسان گدلاڻ کي ختم نه ڪري سگھياسين ته اهو اسان ۽ اسان جي نسلن کي ختم ڪري ڇڏيندو.
You might also like