ڪراچي (پ ر) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا (ذيبول) جي قانون جي شعبي (ORIC) تحت شاگردن لاءِ هڪ ڏينهن جي بزنس بازار لڳائي وئي، جنهن جو افتتاح ذيبول جي ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنس ڊاڪٽر ڪرامت الله حسيني ڪيو.
ان بزنس بازار جو مقصد شاگردن، تدريسي ۽ غير تدريسي عملي وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ سان گڏ شاگردن ۾ خود اعتمادي ۽ جديد طور تي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي معاشي مهارت حاصل ڪرڻ هو.
ذيبول ۾ ٿيندڙ ان تقريب ۾ 20 ڪاروباري اسٽال لڳايا ويا، جن ۾ ٽيڪنالاجي سلوشنز، هٿ سان تيار ڪيل سامان، کاڌو ۽ شربت، ڪپڙا، زيور، ڪار سروسز، گهريلو سجاوٽ، هٿ سان ٺاهيل ٿيلها، پرنٽنگ سروسز ۽ ذاتي سار سنڀال جا موضوع شامل هئا.
ان تقريب ۾ قانون جي شعبي، بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ ڪرمنالاجي جي شعبن جي تدريسي عملي به شرڪت ڪئي، تقريب جي موقعي تي شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا.
پڄاڻي تي (ORIC) ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ڪاشف رياض خطاب ڪندي چيو ته اهڙين تقريبن سان شاگردن ۾ ڪاروباري قيادت ۽ تخليقي صلاحيتون پيدا ٿينديون، جيڪي انفرادي، اجتماعي ۽ قومي سطح تي فائديمند ثابت ٿينديون.
مجموعي طور تي ان تقريب کي سڀني شرڪت ڪندڙن ساراهيو، جن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مستقبل ۾ اهڙيون تقريبون باقاعدگي سان ٿيڻ گهرجن.
Prev Post
You might also like