ڀارت جي عظيم بيٽر ويرات ڪوهلي اهم اعزاز ماڻي ورتو

ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي ايڪس تي سڀ کان وڌيڪ فالوو ڪيو ويندڙ ايٿيليٽ جي فهرست ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو .
ايٿليٽس پنهنجي مخالفن کي پوئتي ڇڏڻ لاءِ جتي پنهنجي راند کي بهتر بڻائي رهيا آهن اتي اڄ جي ڊجيٽل دور ۾ هو به فالوورز جي ڊوڙ جو حصو آهن.
اِهو ئي ڪارڻ آهي جو ايٿليٽس وڌيڪ فالوورز سبب سوشل ميڊيا تي مختلف برانڊن جي مشهوري جو ڳرو معاوضو به حاصل ڪندا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي برزايل جي فٽبالر نيمار کي ايڪس تي فالوورز جي ڊوڙ ۾ پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
ويرات ڪوهلي ايڪس تي 63 ڏهائي 5 ملين فالوورز سان سڀ کان وڌيڪ فالو ڪيو ويندڙ اٿيليٽ جي فهرست ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي، نيمار جي فالورز جو انگ 63.4 ملين آهي.
ايڪس تي سڀ کان وڌيڪ فالو ڪيو ويندڙ ايٿيلٽ پرتگال جو اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو آهي جنهن جا ايڪس فالوورز جو انگ 111 ڏهائي چار ملين آهي.

‎ViratKohli Indiancricketteam Socialmedia

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.