وفاقي بجيٽ: سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ بابت اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي بجيٽ ۾ پگهارن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو تائين واڌ جي ابتداعي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب بيورو ڪريسي جي موناٽائزيشن پاليسي ۾ 40 هزار کان 60 هزار رپين جي واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته گريڊ 20 تائين جي آفيسرن لاءِ موناٽائزيشن 65 هزار رپين کان وڌائي 1 لک 5 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي.

گريڊ 21 جي آفيسرن لاءِ 75 هزار رپين جي موناٽائزيشن پاليسي کي وڌائي 1 لک 20 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته گريڊ 22 جي آفيسر کي ملڻ واري موناٽائزيشن 95 هزار رپين کان وڌائي 1 لک 55 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته گريڊ هڪ کان 22 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ سان لڳ ڀڳ 80 ارب رپين جو اثر پوندو.

ذريعن موجب 1 کان گريڊ 16 جي ملازمن لاءِ ميڊيڪل ۽ ڪنوينس الائونس ۾ 200 سيڪڙو واڌ جو مطالبو به شامل غور آهي.

Pakistan FederalBudget Govt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.