ڀارت ۾ لوڪ سڀا جي 543 سيٽن تي ٿيل عام چونڊن جو عمل مڪمل ٿي ويو ۽ اليڪشن ڪميشن سمورين سيٽن جي نتيجن جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نتيجن موجب 2024ع جي عام چونڊن ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي ( بي جي پي ) 240 سيٽن سان سڀ کان اڳتي رهي، انڊين نيشنل ڪانگريس 99 سيٽن سان ٻئي نمبر جڏهن ته سماج وادي پارٽي 37 سيٽن سان ٽئين نمبر تي رهي.
آل انڊيا ترينا مول ڪانگريس ڪزاغم 29 ۽ تيلگو ديسام 16 ۽ جنتا دل سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي جڏهن ته شيوسينا ( يو بي ٽي ) نوَ سيٽون پنهنجي نالي ڪيون.
ست مرحلن ۾ ٿيل چونڊن ۾ جتي سينيئر سياستدانن حصو ورتي اتي هن ڀيري به ڀارتي اداڪارن چونڊ وڙهي ڪاميابي ماڻي.
لوڪ سڀا چونڊن ۾ ڪهڙا مشهور اداڪار ڪامياب ٿيا؟
بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت جنهن ويجهڙائي ۾ سياست ۾ قدم رکيو ۽ بي جي پي ۾ شموليت اختيار ڪندي پهريون ڀيرو اليڪشن ۾ حصو ورتو.
ڪنگنا هماچل پرديش رياست ۾ پنهنجي اباڻي علائقي منڊي مان چونڊ وڙهي ۽ هن ڪانگريس جي وڪرما دتيه سنگهه کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي.
بالي ووڊ جي ڊريم گرل هما مالني به لوڪ سڀا چونڊن ۾ حصو ورتو، هن بي جي پي جي ٽڪيٽ تي ماٿوڙا مان اليڪشن وڙهي ۽ پنهنجي 16 مخالفن کي شڪست ڏئي شاندار فتح حاصل ڪئي.
ليجنڊري اداڪار شتروگن سنها ڀارتي رياست اولهه بئنگال جي شهر انسانسل مان آل انڊيا ترينامول ڪانگريس ( ٽي ايم سي ) جي ٽڪيٽ تي اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ ڪاميابي ماڻي.
ويجهڙائي ۾ هيٽ ٿيندڙ بالي ووڊ فلم ” لاپتا ليڊيز “ ۾ پوليس انسپيڪٽر جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار روي ڪشن ڀارتي چونڊن ۾ بي جي پي جي ٽڪيٽ تي گورک پور مان سوڀارو رهيو.
ان کانسواءِ ڀارتي گلوڪار ۽ اداڪار منوج تيواري به بي جي پي جي ٽڪيٽ تي دهلي مان چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ ڪانگريس جي ڪنهيا ڪمار خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته ٽي وي سيريز ” رامائڻ “ مان شهرت حاصل ڪندڙ اداڪار ارون گوول بي جي پي جي ٽڪيٽ تي ميرٺ مان ڪاميابي حاصل ڪئي.
واضح رهي ته حڪمران جماعت بي جي پي لوڪ سڀا ۾ سادي اڪثريت لاءِ گهربل 272 سيٽون اڪيلي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، پر اتحاد 292 سيٽن تي ڪاميابي سان سادي اڪثريت جي بنياد تي حڪومت ٺاهي وٺندو .
پرڏيهي ميڊيا موجب، نريندي مودي ٽيون ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم جو منصب سنڀالڻ لاءِ اٺ جون تي عهدي جو حلف کڻندو.
Indianelection2024 BJP Bollywood