”پاڪستاني اداڪارائن بالي ووڊ ۾ ڪم ڪري ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اداڪار بهروز سبزواري چيو آهي ته پاڪستاني اداڪارائن بالي ووڊ ۾ ڪم ڪري پنهنجي ملڪ جو نالو ٻوڙي ڇڏيو آهي.
تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي بهروز سبزواري جو چوڻ هو ته فواد خان ڀارت ويو جتي هن بالي ووڊ ۾ شاندار ڪم ڪيو، جيڪڏهن اڄ به هو بالي ووڊ فلمن ۾ ڪم ڪندو هجي ها ته انڊسٽري جي سڀني خانز کي پوئتي ڇڏي ڏي بالي ووڊ جو نمبر ون اسٽار بڻجي وڃي ها.
بهروز سبزواري ٻڌايو ته فواد خان کان علاوه جاويد شيخ به بالي ووڊ ۾ وڏو نالو ڪمايو ۽ اسانجي ڪجهه اداڪارائن به انڊسٽري ۾ فلمون ڪيون پر انهن پنهنجي ڪم سان پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ بدارن ٻوڙي ڇڏيو آهي.

Pakistaniactress showbiz bollywood

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.