سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ ماحوليات جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

ڪراچي (پ ر) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ماحولياتي سائنسز واري شعبي تحت ماحوليات جو عالمي ڏينهن اربع ڏينهن يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ ملهايو ويو، جتي ڳالهائيندي مقررن چيو ته ماحولياتي مسئلا انسانن سميت ڌرتيءَ تي موجود سموري جيوت لاءِ وڏو خطرو آهن، ان ڪري هر فرد کي وڻڪاري ۽ ٻين طريقن سان ماحولياتي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
ان موقعي تي ڪلف پاڪستان جي صدر مجيب الرحمان شاگردن کي ماحولياتي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ ۽ نون تحقيقي موضوعن تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ چيو.
هن ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موضوع ”زمين جي بحالي، ريگستان ۽ خشڪيءَ کان بچاءَ“ تي ڳالهائيندي چيو ته اسان کي پنهنجي ڌرتي جي زميني وسيلن کي بچائڻ سان گڏ ريگستان ۽ ڏڪار جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي.
سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ماحوليات جي شعبي جي انچارج چيئرپرسن ڊاڪٽر حنا شهناز ماحولياتي مسئلن کي حل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ لاءِ مجيب الرحمان جي شاگردن کي ڏنل تحقيقي تجويزن کي ساراهيندي چيو ته اسان کي پنهنجي زمين کي بحال ڪرڻ ۽ ماحولياتي خطرن خلاف شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
ان کان اڳ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڊين ڊاڪٽر آفتاب احمد شيخ ۽ ڊاڪٽر حنا شهناز مهمانن جي آجيان ڪئي.
ماحولياتي سائنسز شعبي جي ليڪچرار مس عنبرين عزيز سيمينار جي ڪارروائي هلائي، سيمينار ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.