ويب سيريز مرزاپور جي پرستارن لاءِ خراب خبر

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مشهور ويب سيريز مرزاپور جي ٽئين سيزن جي اعلان بعد ايندڙ خبر ويب سيريز جي چاهيندڙن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.
مرزا پور 2018 ۾ رليز ٿي هئي جنهن کي گهڻو پسند ڪيو ويو هو ۽ ان جي ٻئين سيزن جو به پرستارن بي صبري سان انتظار ڪيو ۽ 2020ع اسٽريمنگ لاءِ پيش ڪيو ويو.
اپريل 2024 ۾ مرزا پور جي ٽئين سيزن جو اعلان ڪيو ويو ۽ ان سان گڏوگڏ ڪاسٽ جي باري ۾ به ٻڌايو ويو پر پرائم وڊيو انڊيا طرفان فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي جاري ٿيڻ واري وڊيو سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.
مختصر وڊيو ۾ جي پي ياديو جو ناڪاري ڪردار نڀائڻ واري اداڪار پرمود پاٺڪ کي انب کائيندي ڏسي سگهجي ٿو.
وڊيو ۾ ان کان ٽئين سيريز جي رليز ٿيڻ جي حوالي سوال ڪيو ويو، جنهن جي جواب ۾ هو 22 آگسٽ 2024ع جي تاريخ ٻڌائيندو آهي، جنهن تي سوال ڪرڻ وارو چوندو آهي ته اها ڪنفرم ڳالهه آهي؟.
وڊيو ۾پرمود پاٺڪ جواب ڏيندو آهي ته ” سياستدان جي زبان آهي ڀاءُ ڀروسو ڪيو“.
واضح رهي ته مرزاپور جي ٽئين سيزن جي حوالي سان اعلان ڪيو ويو هو ته ان کي جون ۾ رليز ڪيو ويندو، پر هاڻ هن نئين وڊيو موجب ٽيون سيزن آگسٽ ۾ رليز ٿيندو.

Mirzapur India Webseries

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.