لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا سونيا حسين به همايو سعيد سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري ڇڏي آهي.
اداڪارا سونيا حسين تازو ئي نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ مختلف موضوعن تي ڳالهايو.
پروگرام ۾ ميزبان سوال ڪيو ته ”خبرون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن ته اوهان عمران عباس سان جلد هڪ ٽي وي اسڪرين تي نظر اچڻ وارا آهيون ته ان حوالي سان اوهان ڇا چوندو“.
سوال جو جواب ڏيندي اداڪارا سونيا حسين چيو ته عمران سان گڏ مونکي رول آفر ٿيو آهي ته تمام جلد اسان ٻئي گڏ ڪم ڪري سگهون ٿا.
ميزبان اداڪارا کان هڪ ٻيو سوال ڪندو آهي ته اوهان همايو سعيد سان گڏ ڪڏهن ڪم ڪندئو؟ ڇو ته ماضيءَ ۾ اوهان کي ميري پاس تم هو آفر ٿي چڪو آهي.
سونيا حسين کلندي سوال جو جواب ڏنو ته منهنجي اڄ کان ڪجهه ڏينهن پهريان همايون سان ملاقات ٿي هئي، ملاقات ۾ هن به ائين چيو ته اسان ٻئي ڪڏهن گڏجي ڪم ناهي ڪيو ۽ هاڻ مان اهڙا اسڪرپٽ لکرائيندو جيڪي اوهانکي به پسند ايندا.
سونيا اهو ٻڌايو ته مان ڄاڻان ٿي ته همايون سٺو اداڪار آهي، ”ميري پاس تم هو“ نه ڪرڻ جو سبب مونکي ڪنهن اهڙي رول جي تلاش هئي جيڪو عورت لاءِ هاڪاري هجي
Soniahussain HumayoSaeed Pakistan