غوثپور (ويب ڊيسڪ) غوثپور ۾ ارڙيءَ جي بيماري تيزيءَ سان پکڙجي پئي، وڌيڪ هڪ ٻارڙي فوت ٿيڻ کانپوءِ مهيني اندر فوتي ٻارن جو انگ 6 ٿي ويو آهي.
ارڙي وگهي ڳوٺ عبدالقادر ڀيو ڀرسان ٻه ورهين جي معصوم ٻارڙي اقرا ڌيءَ نياز ڀيو فوت ٿي وئي.
ڳوٺاڻن موجب اسان صحت کاتي جي اختيارين کي ڪيترائي ڀيرا آگاهه ڪيو آهي پر ٽيمون ناهن پهتيون، ڪيترائي ٻارڙا بيماري ۾ مبتلا آهن، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن.
ghauspur sindh pakistan