اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق عدالتي رپورٽنگ تي پابندي خلاف صحافتي تنظيمن جي درخواستن تي ٻڌڻي ۾ رمارڪس ڏنا ته عدالتي رپورٽنگ تي ڪا به پابندي ناهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق عدالتي رپورٽنگ تي پابندي خلاف صحافتي تنظيمن جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته صحافتي تنظيمن طرفان بئرسٽر اعجاز گيلاني دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران پيمرا به عدالت ۾ پنهنجو جواب جمع ڪرايو.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پابندي رپورٽنگ تي نه غير ذميواراڻي رپورٽنگ تي آهي، عدالتي رپورٽنگ تي پابندي ناهي، ميڊيا عدالتي ڪارروائي کي رپورٽ ڪري سگهي ٿو، صرف سنسني خيز ٽڪر هلائڻ تي مسئلو ٿيندو آهي.
عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل سان استفسار ڪيو ته وفاقي حڪومت جو ان معاملي سان تعلق آهي؟ ان تي ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته اهو پيمرا جو معاملو آهي، وفاقي حڪومت جو ان سان تعلق ناهي.
ان دوران بئرسٽر اعجاز گيلاني دليل ۾ چيو ته پيمرا جنهن قانون جو سهارو ورتو آهي ، ان ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس رپورٽ ڪرڻ تي پابندي ناهي.
عدالت حتمي دليل طلب ڪندي ايندڙ ٻڌڻي 11 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
IslamabadHighCourt Pakistan MediaCoverage