ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جا امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي.
گذريل ڏينهن ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد جيڪب آباد ۾ 47 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي موجب گذريل ڏينهن سبي ۽ دادو ۾ گرمي پد 46، موهن جو دڙو، خيرپور، ڊي جي خان ۾ 45، رحيم يار خان، سکر، اوڪاڙا، نوابشاهه، ڪوٽ اڏو، خانيوال، ڊي آءِ خان ۾ 44، مظفر آباد ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي جو چوڻ هو ته لاهور ۾ 42، اسلام آباد ۽ پشاور ۾ گرمي پد 39 جڏهن ته ڪراچي ۾ 35 سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو.
موسميات کاتي طرفان اسلام آباد، پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ مٽي جي طوفان ۽ برسات جي اڳڪٿي وئي آهي.

Pakistan Weather Sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.