نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهت شرما هيڊ ڪوچ راهول ڊريوڊ سان ڪوچنگ ڇڏڻ واري معاملي تي ٿيل ڳالهه ٻولهه تان پردو کڻي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، راهول ڊريوڊ آمريڪا ۾ ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کانپوءِ ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ ڇڏي ڏيندو ۽ نئين هيڊ ڪوچ جي مقرريءَ لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ( بي سي سي آءِ ) درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن.
ڀارتي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مهم جي شروعات اڄ آئرلينڊ خلاف ميچ کان ڪري رهي آهي.
پنهنجي افتتاحي ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي روهت شرما راهول ڊريوڊ سان ڪوچنگ ڇڏڻ حوالي سان ٿيل ڳالهه ٻولهه بابت ٻڌائيندي جذباتي ٿي ويو.
روهت شرما چيو ته جڏهن هو پهريون ڀيرو ڀارتي ٽيم ۾ آيو ته راهول ڊريوڊ ٽيم جو ڪپتان هو، اسان کيس کيڏندي ڏٺو هو اسان سڀني لاءِ هڪ رول ماڊل آهي.
هن چيو ته راهول ڊريوڊ ڊگهي عرصي تائين ڀارتي ٽيم لاءِ کيڏيو، پوءِ هو ڀارتي ٽيم جو ڪوچ بڻيو، سندس ڪوچنگ ۾ اسان اٽڪل سمورا وڏا ايونٽ کٽيا.
روهت شرما چيو ته هن ذاتي طور تي ڪوشش ڪئي آهي ته راهول ڊريوڊ ڀارتي ٽيم لاءِ ڪوچنگ جاري رکي، مان کيس ويندي نٿو ڏسڻ چاهيان.
ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته گوتم گمڀير راهول ڊريوڊ جي جاءِ تي ڀارت جي مينز ٽيم جي نئين هيڊ ڪوچ لاءِ مضبوط اميدوار آهي.
BCCI RohitSharma RahulDraivd Indiancricketteam