ڊيلاس ( ويب ڊيسڪ ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سلسلي ۾ آمريڪا ۾ موجود پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم وڏو جهٽڪو لڳي ويو، اهم آل رائونڊر عماد وسيم پهرين ميچ مان آئوٽ ٿي ويو آهي.
ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي پهرين ميچ کان اڳ عماد وسيم جي غير موجودگي جي تصديق ڪندي ڪپتان بابر اعظم چيو ته عماد وسيم سائيڊ اسٽرين جو شڪار آهي جنهن سبب هو ٽيم لاءِ پهرين ميچ نه کيڏي سگهندو.
هن چيو ته عماد وسيم پهرين ۾ قومي ٽيم جو حصو نه هوندو پر اميد آهي ته هو باقي ميچن ٽيم جو حصو هوندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ پهرين ميچ آمريڪا خلاف ڇهه جون تي کيڏندي، جڏهن ته آمريڪي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ ۾ ڪئناڊا جي ٽيم کي شڪست ڏئي پنهنجي ڪاميابي جو کاتو کولي چڪي آهي.
T20WorldCup2024 Imadwasim BabarAzam Pakistancrikcetteam