توهينِ عدالت ڪيس: مصطفيٰ ڪمال جي معافي جي درخواست رد، واوڊا کي معافي لاءِ هفتي جي مهلت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ توهينِ عدالت ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جي فوري معافي جي استدعا رد ڪندي ڇڏي جڏهن ته فيصل واوڊا کي غير مشروط معافي لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس عرفان سعادت ۽ جسٽس نعيم افغان تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ مصطفيٰ ڪمال ۽ فيصل واوڊا عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران مصطفيٰ ڪمال جي وڪيل فروغ نسيم مصطفيٰ ڪمال جي 16 مئي جي پريس ڪانفرنس تي معافي وارو بيان پڙهي ٻڌايو ۽ عدالت کان استدعا ڪئي ته مصطفيٰ ڪمال جي غير مشروط معافي قبول ڪري توهينِ عدالت جي ڪارروائي ختم ڪئي وڃي.
جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اِهي اپيلون وفاقي شرعي عدالت ۾ نه آهن؟ ڇا مصطفيٰ ڪمال فيصل واوڊا کان متاٿر ٿي ڪري ٻئي ڏينهن ميڊيا سان گفتگو ڪئي؟
چيف جسٽس چيو ته اسان جو گذريل ٻڌڻي جو حڪم نامو ڇا هو؟ ڏيکاريو! ڇا اسان کي ماڻهن هڪٻئي سان وڙهڻ لاءِ ويهاريو آهي؟ ائين ناهي چيو ته اسان جي فيصلن تي تنقيد نه ڪريو.
جسٽس قاضي فائز رمارڪس ڏيندي چيو ته ٽي وي چئنل وارا سڀ کان وڌيڪ گارگند هلائيندا آهن، چوندا آهن ته فلاڻي تقرير ڪئي اسان هلائي ڇڏي، اِها اظهار جي آزادي آهي، ٽيليويزن چئنلن 34 منٽن تائين اِهي تقريرون نشر ڪيون، ڇا هاڻي چئنلز کي به نوٽيس جاري ڪيون؟ ان تي اٽارني جنرل عثمان اعواڻ جواب ڏنو ته مان سمجهان ٿو ته نوٽيس جاري ڪرڻ گهرجي.
چيف جسٽس چيو ته اسان ڪڏهن اِهو ناهي چيو ته پارليامينٽ فلاڻي جي مدي ۾ واڌ ڇو ڪئي؟ اوهان ڪهڙي حيثيت ۾ ميڊيا ٽاڪ ڪئي، ڇا اوهان بار ڪائونسل جا جج آهيو؟ هتي به ماڻهو ويٺا آهن، وڏيون وڏيون ٽوئيٽس ڪيون وينديون آهن، جيڪو ڪرڻو اٿوَ ڪيو، بس ڪوڙ نه ڳالهايو، صحافين کي اسان بچايو سندن درخواست اسان کنئي.
چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پيمرا عجيب قانون ٺاهي ڇڏيو آهي ته عدالتي ڪارروائي رپورٽ نه ٿيندي، اِها زيادتي آهي، عدالتي ڪارروائي ڇو رپورٽ نه ٿيندي؟ اسان اڃا تائين ڪجهه ناهيون ڪري رهيا، پهريان ڪنڊڪٽ ڏسنداسين.
عدالت مصطفيٰ ڪمال جي فوري معافي جي استدعا رد ڪندي توهين جوڳي پريس ڪانفرنس نشر ڪرڻ تي سمورن ٽي وي چئنلن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت سمورن ٽي وي چئنلن کان ٻن هفتن ۾ جواب طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 28 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

MustafaKamal FaisalVawda SupremeCourt MQM-P

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.