آمريڪي حڪومت جي شڪايت تي صارم برني انساني سمگلنگ جي الزام هيٺ گرفتار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سماجي اڳواڻ صارم برني انساني سمگلنگ جي الزام هيٺ گرفتار.
ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته صارم برني کي آمريڪا کان ڪراچي واپسي تي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو،
صارم برني کي آمريڪي حڪومت جي شڪايت تي گرفتار ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته صارم برني ڪجهه عرصي کان آمريڪا ۾ موجود هو ۽ سندس خلاف انساني سمگلنگ جي شڪايتن تي ايف آءِ اي طرفان انڪوائري پڻ هلي رهي هئي.
ايف آءِ اي اختيارين موجب، ظاهري طور جن ٻارن کي لاوارث ڊڪليئر ڪيو ويو ۽ صارم برني طرفان چيو هو ته سندس ٽرسٽ جي ٻاهران ڪجهه ماڻهو ٻارن کي ڇڏي هليا ويا هئا جيڪي آمريڪا ۾ رهندڙ بي اولاد جوڙن کي ڏنا ويا پر جڏهن ان معاملي تي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي ته پتو پيو ته هتان جي ماڻهن جي ڳٺ جوڙ سان ڪجهه ماڻهو پنهنجي ٻارن کي آمريڪا موڪلڻ چاهين پيا، جن کي صارم برني ٽرسٽ لاوارث ظاهر ڪرائي اتي سيٽل ڪرائي ڇڏيو.
اختيارين موجب، آمريڪي حڪومت طرفان 25 کان 26 ٻارن جي شڪايت ڪئي وئي هئي جڏهن ته ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته 16 کان 17 ٻارن جي انساني سمگلنگ ذريعي آمريڪا منتقلي جا ثبوت ملي ويا آهن.
آمريڪي دوري دوران آمريڪي اختيارين طرفان صارم برني جي سخت نگراني ڪئي وئي ۽ جڏهن صارم برني پاڪستان لاءِ روانو ٿيو ته ايف آءِ اي اختيارين کي ان جو اطلاع ڏنو ويو ۽ ڪراچي پهچڻ تي کيس گرفتار ڪيو ويو.
ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته صارم برني کي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل صدر منتقل ڪيو ويو آهي ۽ سندس خلاف ڪيس جو ڊرافٽ اڳواٽ ئي تيار ڪيو ويو ۽ سندس خلاف جيڪا انڪوائري ٿي رهي آهي ان کي ئي ايف آءِ آر ۾ منتقل ڪري کيس باظابطا طور گرفتار ڪيو ويو آهي.
ويو آهي.

Rights activist Sarim Burney arrested on ‘human trafficking charges’

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.