نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ٻه ڀيرا ڀارت جو وزيراعظم رهندڙ نريندر مودي ٽيون ڀيرو وزارت عظميٰ جي عهدي جو حلف اٺ جون تي کڻندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي ( بِي جَي پِي ) جي اتحاد جي ڪاميابي کانپوءِ حڪومت سازي جا معاملا شروع ٿي چڪا آهن ۽ نريندر مودي وزارتِ عظميٰ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
ڀارتي صدر دروپدي مرمو نريندر مودي جي استعيفيٰ قبول ڪندي کيس نئين حڪومت جي جوڙجڪ تائين ڪم جاري رکڻ جي درخواست ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، نريندر مودي ٽيون ڀيرو ملڪ جي وزيراعظم جو منصب سنڀالڻ لاءِ اٺ جون تي پنهنجي عهدي جو قسم کڻندو.
نريندي مودي ڀارتي تاريخ ۾ ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻجندڙ ٻي شخصيت آهي، ان کان اڳ پنڊت جواهر لال نهرو ٽي ڀيرا ڀارت جو وزيراعظم رهي چڪو آهي.
وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ کان اڳ مودي يونين ڪيبنٽ جي اهم اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ چونڊ نتيجن ۽ حڪومت سازي جا معاملا غور هيٺ آيا. ڱ
ياد رهي ته لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ ڪانگريس اتحاد 234 سيٽون حاصل ڪيون آهن ۽ بي جي پي جي اتحاد اين ڊي اي 292 سيٽون کٽيون آهن.
IndianPMModi BJP Indianelection2024