لاهور(معظم فخر) هوائن جو رخ تبديل ٿي ويو،عدالتي مداخلت حڪومت کي ”گري ايريا“ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو، حڪومت اهم ترين فيصلا وٺڻ کان به لاچار ٿي وئي آهي، هڪ پاسي حڪومت ڪمزور پوزيشن ۾ اچي وئي آهي ته ٻئي پاسي ملٽري اسٽيبلشمينٽ به تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪمزور وڪيٽ تي اچي وئي آهي، ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، بجيٽ کان اڳ معاشي صورتحال ۾ بهتري نه ٿي سگهي ۽ هاءِ ڪورٽ مان عمران خان لاءِ سهولت ڪاري جو ڪردار ختم نه ٿيو ته نواز ليگ حڪومت ڇڏي سگهي ٿي، جڏهن ته بحراني ڪيفيت ۾ اسٽيبلشمينٽ لاءِ به ”اسلام عليڪم عزيز هم وطنو“ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي،ذريعن موجب انهن امڪانن کي ان اطلاع هٿي ڏني آهي ته حڪومت 2025-24ع جي بجيٽ لاءِ هيل تائين ڪا به سنجيده سرگرمي ناهي ڏيکاري وئي،ايندڙ مالي سال جي هدفن لاءِ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس به اڃا تائين ناهي گهرايو ويو ٻئي پاسي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي جوڙجڪ جو آئيني عمل به اڃا تائين مڪمل ناهي ڪيو ويو،اهم حڪومتي ذريعي ٻڌايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن پاران عدليه ۾ آءِ ايس آءِ جي مداخلت خلاف خط لکڻ کانپوءِ ساڳئي عدالت مان پي ٽي آءِ جي حق ۾ فيصلن جي قطار لڳي وئي آهي،ٽيريان وائيٽ ڪيس،اسلام آباد جي 6 سيڪٽر ۾ پي ٽي آءِ جو سيڪريٽريٽ ڊي سيل ڪرڻ ۽ حمود الرحمان ڪميشن بابت ٽوئيٽ ڪيس ۾ رئوف حسن،عمرايوب ۽ بئريسٽر گوهر کي ايف آءِ اي پاران طلبي جو نوٽيفيڪشن بي اثر بڻايو ويو آهي،ذريعن موجب ن ليگ هاڻي چئي رهي آهي ته پي ٽي آءِ لاءِ ائين ئي عدالتي سهولت ڪاري جاري رهي ته پوءِ عدالت ڄاڻي،عمران خان ڄاڻي ۽ اسٽيبلشمينٽ ڄاڻي، اسان پنهنجو منهن وڌيڪ ڪارو نه ڪنداسين.
لاهور(مزمل سهروردي)عدليه ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ ۾ ٽڪراءُ وڌي ويو آهي، اهو جهيڙو هاڻي آخري رائونڊ ۾ داخل ٿي ويو آهي، 70 سالن تائين فوج ۽ عدليه گڏجي ملڪ تي حڪمراني ڪئي،هاڻي عدليه چاهي ٿي ته ان جو راڄ هلندو، اسٽيبلشمينٽ عمران خان خلاف پنج ڪيس داخل ڪرايا،توشاخانه ڪيس،ٽيريان ڪيس،سائفر ڪيس خارج ٿي ويا،عدليه اهي ڪيس ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيا،سائفر ڪيس کانپوءِ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، لڳي رهيو آهي ته پارليامينٽ،حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ عدليه کي ڪنڊائتو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جج فارغ ٿيندا، عدليه جي حوالي سان ڪا ايمرجنسي لڳي ٿي سگهي ٿي، اهو طئي ٿي ويو آهي ته عدليه ۽ فوج گڏجي نٿيون هلي سگهن،عدليه ۽ عمران خان گڏجي اسٽيبلشمينٽ خلاف حملي آور آهن، فوج ٻنهي کي پنهنجو دشمن سمجهي ٿي،اها ويڙهه هاڻي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي، ملڪ ۾ غيرآئيني قدم جو رستو به نظر اچي رهيو آهي.
لاهور(مبشر لقمان) عمران خان وارو معاملو اسٽيبلشمينٽ سان نه رڳو مس هينڊل ٿيو بلڪه تمام خراب طريقي سان ان جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو آهي،جيڪڏهن اها صورتحال جاري رهي ته ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳي سگهي ٿي، وزيراعظم به ان خيال جو حامي آهي، عدليه اسٽيبلشمينٽ سامهون بيهي رهي آهي، انٽيلي جنشيا جا گهڻا ماڻهو اسٽيبلشمينٽ خلاف آهن ته اها اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڳڻتي جي گهڙي هئڻ گهرجي، عمران خان يقينن غلطيون ڪيون آهن پر عدليه ۽ عوام جو وڏو حصو اڃا به هن کي غلط نٿو سمجهي، لڳي ٿو ته مخصوص سيٽن جو ڪيس به پي ٽي آءِ جي حق ۾ ۽ اسٽيبلشمينٽ خلاف ايندو،هونئن به اڪثر فيصلا ٽرولنگ کان متاثر ٿي ڪيا پيا وڃن، معاشي ميدان ۾ ايس آءِ ايف سي هڪ رپئي جي سيڙپ ڪاري به نه آڻي سگهي آهي.
نوٽ: هي تجزيا، روزاني عوامي آواز، اربع 05 جون 2024ع تي شايع ٿيا
establishmen pakgovt emergency judiciary