ڪراچي (عوامي آواز نيوز ) سنڌ ۾ هلندڙ مالي سال 24-2023 جي 11 مهينن ۾ سڄي ترقياتي بجيٽ جو رڳو 51 سيڪڙو خرچ ٿي سگهيو آهي.ناڻي کاتي جي دستاويزن موجب هلندڙ مالي سال ۾ 5256 ترقياتي منصوبا رٿيا ويا، جن مان 3311 منصوبا اڳ ئي جاري آهن ۽ 1945 منصوبا نوان آهن.هلندڙ مالي سال ۾ سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ 3 کرب 85 ارب 50 ڪروڙ رپيا رکيا ويا هئا، جڏهن ته 11 مهينن ۾ 2 کرب 56 ارب 89 ڪروڙ 60 لک رپيا جاري ڪيا ويا.جاري ڪيل رقم مان هڪ کرب 91 ارب 21 ڪروڙ 90 لک رپيا ترقياتي منصوبن تي خرچ ٿي چڪا آهن، اها رقم ترقياتي بجيٽ جو 51 سيڪڙو آهي، جڏهن ته هڪ کرب 28 ارب 60 ڪروڙ رپين جي رقم اڃا باقي آهي. هلندڙ مالي سال جو هڪ مهينو باقي آهي ۽ صوبائي حڪومت کي ان هڪ مهيني ۾ هڪ کرب 28 ارب 60 ڪروڙ 40 لک رپيا خرچ ڪرڻا آهن.
نوٽ: هي خبر، روزاني عوامي آواز، اربع 05 جون 2024ع تي شايع ٿي
Sindhgovt SindhBudget2024 CMMuradAliShah