سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس منيب اختر چيف جسٽس تي حاوي

اسلام آباد(اسد طور+حسنات ملڪ)سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران  جسٽس منيب اختر چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي گهڻو ٽف ٽائم ڏنو جڏهن ته جسٽس اطهر من الله ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وچ ۾ به تلخي نظر آئي،هڪ موقعي تي جسٽس اطهر من الله چيو ته سچ ڳالهائڻ گهرجي، سچ تمام ڪڙو هوندو آهي پر ڪير سچ ڳالهائي نٿو جنهن تي چيف جسٽس ڪاوڙ ۾ چيو ته مان ته گهٽ ۾ گهٽ سچ ڳالهائڻ جي پوري ڪوشش ڪندو آهيان، جسٽس منيب اختر 13 جنوري واري بيٽ جي نشان جي فيصلي تي سوال اٿاريا، چيف جسٽس وضاحتون ڏنيون،جسٽس عائشه ملڪ به چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ايڪٽ تحت ڪا جماعت پارٽي چونڊ نٿي ڪرائي ته ان جو اهو مطلب ناهي ته اهو چونڊ نشان ڪنهن ٻي جماعت جي اميدوارن کي ڏنو وڃي،5جج ان ڳالهه تي متفق آهن ته جمهوريت بچڻ گهرجن،چار جج پي ٽي آءِ جي حق ۾ آهن، ٽي جج چيف جسٽس سان گڏ آهن.

QaziFaezIsa ChiefJusticeofPakistan JusticeMunibAkhtar

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 05 جون 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.