لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ وڊيو ٺاهي عورتن کي هراسان ڪرڻ جو هڪ ٻيو واقعو به سامهون آيو آهي.
فيصل ٽائون ڊي بلاڪ عروسه بيوٽي پارلر ۾ عورتن جا ڪپڙا تبديل ڪرڻ جون وڊيوز ٺهڻ شروع ٿي ويون.
پوليس واقعي جو ڪيس متاثر عورت جي وارثن جي درخواست تي داخل ڪري ورتو جڏهن ته ڪيس ۾ پارلر مالڪ عروسه جي ملازم ڪنزا، ثنا ۽ مبشره نامزد آهن.
ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته عورت ڪپڙا تبديل ڪري رهي هئي ته ڳجهي وڊيو رڪارڊنگ دوران هن اسڪرين تي پاڻ کي اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏسي ورتو.
ياد رهي ته پهريون واقعو جوهر ٽائون جي علائقي هاسٽل ۾ پيش آيو هو جتي عورتن جون غيراخلاقي وڊيوز ٺاهي ويون هيون.