اوساڪا (ويب ڊيسڪ) جاپاني ٽيڪ ڪمپني kirin کاڌي جو ذائقو وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ ماڻهن جي صحت بابت مثبت ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هڪ سمارٽ چمچ متعارف ڪرايو آهي.
ڪيرن ڪمپني هڪ اسمارٽ چمچ متعارف ڪرايو آهي، جنهن کي elecispoon جو نالو ڏنو ويو آهي، اهو زبان موجود ذائقو محسوس ڪرڻ واري حصي Taste buds جي لوڻ جي باري ۾ تاثر کي بڻائيندو آهي ۽ ان طرح جي کاڌي جو ذائقو بهتر محسوس ٿيندو آهي.
ماضي ۾ ڪمپني جي محققين ميجي يونيورسٽي جي سائنسدانن سان ملي ڪري اهڙا سمارٽ ڪچن ويئر تيار ڪيا هئا جيڪي کاڌي ۾ ذائقي کي نمڪين ۽ مزيدار بڻائڻ لاءِ بجلي جو استعمال ڪندا هئا پر تازو ئي انهن کي مارڪيٽ ۾ هڪ سمارٽ چمچ جي نقاب ڪشائي ڪئي.
Elicispoon ماڻهن جي صحت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي، ته جيئن لوڻ جي ذائقي کي مصنوعي بڻائي ماڻهن جي خوراڪ ۾ لوڻ سان گهٽ ڪيو ويندو آهي.