غير امڪاني چونڊ نتيجا، اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش ٿيڻ سبب ڀارتي سيڙپڪارن جا 30 لک ڪروڙ ٻڏي ويا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ غير امڪاني چونڊ نتيجن سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش ٿيڻ سبب سيڙپڪارن جا 30 لک ڪروڙ ڀارتي رپيا ٻڏي ويا.
ڀارت ۾ اڄ لوڪ سڀا چونڊن ۾ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي، جنهن ۾ ڀارتي حڪمران جماعت بي جي پي جي قيادت هيٺ اتحاد کي گهٽ سيٽون ملڻ جو امڪان آهي.
انهن غير امڪاني نتيجن سبب ڀارت ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش ڪري وئي، جنهن سان سيڙپڪارن کي 30 لک ڪروڙ ڀارتي رپين جو نقصان ٿيو.
ڀارتي ميڊيا موجب بمبئي اسٽاڪ ايڪسچينج جو سينسيڪس انڊيڪس 4390 پوائنٽن جي گهٽتائي کانپوءِ چئن ورهين جي گهٽ ترين سطح 72 هزار 79 پوائنٽس تي اچي ويو.

india narendramodi rahulgandhi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.