ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي عورت سان شادي ڪندڙ پاڪستان جي ضلعي دير جو نوجوان نصرالله اڄ ڪلهه ڏاڍو پريشان آهي.
سندس چوڻ آهي ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ سبب سندس شادي ٽٽي رهي آهي، نه هو انجو ڏانهن ڀارت وڃي سگهي ٿو ۽ نه انجو پاڪستان اچي سگهي ٿي.
هن سوال ڪيو ته ڇا هاڻي اسان کي خوشحالي زندگي گذارڻ جو به ڪو حق ناهي؟
اهڙي خبر دير جي هڪ صحافي ڏني آهي جنهن ۾ نصرالله بابت ٻڌايو ويو آهي ته هن انجو لاءِ پاڪستاني ويزا لاءِ اپلاءِ ڪيو آهي پر کيس ويزا نه پئي ڏني وڃي ۽ مون کي ڀارت جي ويزا نه پئي ملي.