لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ احتساب ڪرڻ ممڪن ناهي ۽ مان همت هارائي ويو آهيان.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته سائفر ڪيس جو فيصلو مناسب آيو، بنا سبب ڪيس ٺاهيو ويو هو، جڏهن سائفر ايندو آهي ته وزيراعظم طئي ڪندو آهي ته عوام کي آگاهي ڏيڻي آهي يا نه.
هن چيو ته سموري ايليٽ ڪلاس ان جي خلاف آهي ته ڪو احتساب يا جاچ ٿئي، ماڻهن کي يقين آهي ته پاڪستان ۾ انصاف نه ٿيندو، مان ته همت هارائي ويو آهيان، احتساب ڪرڻ پاڪستان ۾ ممڪن ناهي.
سندس چوڻ هو ته رجيم چينج سان پاڪستان کي اربن کربن جو نقصان ٿيو، اهڙن ماڻهن جي آجيان ڪنداسين جيڪي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندا پر هن وقت مقامي واپار ٻاهر وڃي رهيو آهي ته سيڙپڪاري ڪيئن ايندي؟
arifalvi pti imrankhan