سريلنڪن ڪرڪيٽر آءِ سي سي تي ڏمريل، ورلڊ ڪپ شيڊيول غير منصفاڻو قرار

گيانا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪن رانديگرن ميچن ۽ سفر جي شيڊيول تي آواز اُٿاري ڇڏيو.
سريلنڪا جي ڪپتان ونندو هسارنگا ۽ مهيش ٿيڪشنا ٽيم کي پيش ڏکيائين بيان ڪندي شيڊيول کي غير منصفاڻو قرار ڏئي ڇڏيو.
ٽيم مئنيجر مهندا هالنگودا طرفان آءِ سي سي کي ڏکيائين بابت خط لکڻ جي تصديق ڪئي آهي، سريلنڪا انهن ٻن ٽيمن منجهان هڪ آهي جنهن کي پهرئين مرحلي ۾ چار ميچون چئن مختلف وينيوز تي کيڏڻيون آهن.
20 ٽيمن ۾ ٻي ٽيم نيڌرلينڊز جي آهي، جڏهن ته ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا جون ٽيمون هڪ وينيو تي ٽي ميچون کيڏي رهيون آهن.
مهيش ٿيڪشنا جو چوڻ آهي ته هي سڀ انهتائي غير منصفاڻو آهي هر ميچ کانپوءِ اسان کي سفر ڪرڻو پوي ٿو، اسان کي فلائٽس لاءِ اٺ ڪلاڪ انتظار به ڪرڻو پوي ٿو.
هن چيو ته ٽريول لاجسٽڪ سبب اسان کي نيويارڪ ۾ ٽريننگ سيشن به رد ڪرڻو پيو، اسان هو هوٽل وينيو کان هڪ ڪلاڪ 40 منٽن جي مفاصليتي هو، صبح جو پنجين وڳي اُٿڻو پيو.
هن نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته ڪجهه ٽيمن جا هوٽل گرائونڊ سان لڳو لڳ آهن ۽ هڪ ئي وينيو تي ميچون کيڏي رهيون آهن.
ڪپتان ونندو هسارنگا چيو ته اسان لاءِ ڏکيو ڏينهن هو، چار ميچون مختلف وينيوز تي جيو هڪ ڏکيو مرحلو آهي، اسان کي ڪنڊيشنز بابت ڪو پتو نه آهي.

T20WorldCup2024 SriLanka ICC

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.