سائفر ڪيس جي فيصلي تي وفاقي حڪومت جو ردعمل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائفر ڪيس ۾ عمران خان جي بريت تي وفاقي حڪومت جو ردعمل سامهون اچي ويو.
وفاقي حڪومت جي قانوني معاملن بابت ترجمان بئريسٽر عقيل ملڪ چيو بهتر هجي ها ته عدالت سائفر ڪيس کي قومي سلامتي جي نظر ۾ ڏسي ها، عدالتن مان هڪ مخصوص سياسي جماعت ۽ شخصيت لاءِ نرم فيصلا ايندا رهيا آهن.
هن چيو ته سائفر ڪيس ۾ اپيل جو فيصلو حڪومت نه پراسيڪيوشن کي ڪرڻو آهي، سائفر هڪ حقيقت آهي، نيشنل سيڪيورٽي تي ڪا سوديبازي نٿي ٿي سگهي، نيشنل سيڪيورٽي جي معاملي کي ان ڪئميرا به ڏسي سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج ۽ حڪومت قومي سلامتي جي حفاظت هر قيمت تي ڪندي، اڄوڪي فيصلي کانپوءِ هڪ پينڊورا باڪس کلي ويو آهي، اهي تمام ڪليئر ڪيس هو، عدالتن کي قومي سلامتي جي خبر هجڻ گهرجي.

imrankhan pti pmln

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.