ڄامشورو: لمس يونيورسٽي جي شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي ريلي، ڌرڻو

ڄامشورو: (رپورٽر) لمس يونيورسٽي جي شاگردن مسئلن جي حل لاءِ ريلي ڪڍي وي سي سيڪريٽريٽ آڏو ڌرڻو هنيو.

مختلف شعبن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين چيو ته فين جي مد ۾ هر سال لکين رپيا اوڳاڙي ڪئي وڃي ٿي پر شاگردن کي بنيادي سهولتون به نه آهن.

هنن چيو ته ڪاليج آف ٽيڪنالاجي سائنس ۾ 15 سو کان وڌيڪ شاگرد آهن جن جي لاء ڪلاس روم صرف پنج آهن جنهن سبب شاگرد توڙي شاگردياڻيون ڪلاسن ۾ چڱي طرح ويھي به نٿا سگهن.

گذريل ڪيتري عرصي کان شاگردن کي پيڊ انٽرنشپ به نٿي ڏني وڃي، کلي عام ميرٽ جي لتاڙ ڪئي ٿي وڃي ۽ فيس وٺڻ باوجود شاگردن کي آل پاڪستان ٽوئر نٿو ڪرايو وڃي.

ھنن چيو ته ڪجھ شاگرد پيپرن جي ڪري ۽ ڪجھ شاگرد ھائوس جاب جي ڪري ھاسٽلن ۾ رھيل آھن پر لمس يونيورسٽي انتظاميا پاران ھاسٽلون سيل ڪري شاگردن جي تذليل ڪري انھن کي ھاسٽلن مان ڪڍيو پيو وڃي.

شاگردن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته پنهنجي شعبن جي ڊائريڪٽرن سميت لمس يونيورسٽي انتظاميا اڳيان گذريل ھڪ مھيني کان احتجاج ڪري رھيا آھيون پر يونيورسٽي انتظاميا پاران اسان جا جائز مسئلا حل ڪرڻ بدران اسان کي ڊسيپلين ڪميٽين ۽ ريسٽيگيٽ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪيو وڃي ٿو، اڄ به جڏهن اسان احتجاج ڪري رھيا آھيون ته يونيورسٽي انتظاميا اسان کي مختلف طريقن سان حراسان ڪرڻ سميت اسان خلاف وڏي پوليس ۽ خانگي سيڪيورٽي گارڊ گھرائي حراسان ڪيو پيو وڃي.

ھنن مطالبو ڪيو آهي ته شاگردن جا جائز مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجي سلسلو جاري رھندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.