گرميءَ جو زور ختم، برساتن جو سلسلو شروع، موسميات کاتي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي هلندڙ هفتي دوران گرمي جي لهر ختم ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.
موسميات کاتي موجب 4 کان 7 جون تائين مٿانهن علائقن ۾ آنڌاري ۽ برسات جو امڪان آهي، ڪمزور اولهه هوائون سڀاڻي مٿانهن ۽ وچولن علائقن ۾ داخل ٿينديون.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 3 کان 8 جون تائين گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، 4 کان 8 جون تائين چترال، مانسهرا، هري پور، ڪوهستان ۽ شانگلا ۾ مينهن وسندو، 4 کان 6 جون تائين اسلام آباد، مري، اٽڪ، جهلم، منڊي بهاوالدين ۽ گوجرانوالا ۾ برسات جو امڪان آهي.
لاهور، حافظ آباد، سيالڪوٽ، قصور، اوڪاڙا، فيصل آباد ۽ خوشاب ۾ به مينهن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
6 کان 7 جون تائين جيڪب آباد، ڪشمور ۽ لاڙڪاڻي ۾ به آنڌاري ۽ برسات جو امڪان آهي، 5 کان 7 جون تائين ڪوئيٽا، زيات، ڪوهلو، ڊيرا بگٽي ۽ بارکان ۾ مينهن وسڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

rain sindh islamabad

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.