ڇهن مهينن ۾ ٽيڪنالاجي ڪمپنيز 89 هزار ملازمن کي فارغ ڪري ڇڏيو

گوگل، ميٽا، ٽيسلا ۽ ٽڪ ٽاڪ جهڙيون وڏيون ٽيڪنالاجي ڪمپنيون وڏي پيماني تي پنهنجن ملازمن کي فارغ ڪري رهيون آهن.
هلندڙ سال ٽيڪنالاجي انڊسٽري ۾وڏي پيماني تي ملازمن جي ڇنڊڇاڻ جو رجحان ڏٺو ويو آهي، اهو سلسلو مئي جي مهيني ۾ به جاري رهيو.
جنوري کان مئي تائين مجموعي طور تي ٽيڪنالاجي ڪمپنين 89 هزار ملازمن کي فارغ ڪيو ويو آهي.
آنلائن ويبسائيٽ موجب مئي ۾ 39 ڪمپنيز ڪل 9 هزار 742 ملازمن کي فارغ ڪيو، جڏهن ته اپريل ۾ 50 ڪمپنين جي 21 هزار 473 ملازمن کي فارغ ڪيو ويو.

technology companies tesla

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.