ويرات ڪوهلي، روهت شرما ۽ ياديو ٽيم کي معذور بڻائي ڇڏيو آهي: عرفان پٺاڻ

اڳوڻي ڀارتي آل رائونڊر عرفان پٺاڻ چيو آهي ته ويرات ڪوهلي، روهت شرما ۽ سوريا ڪمار ياديو ڀارتي ٽيم کي معذور بڻائي ڇڏيو آهي.
آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي شروعات ٿي چڪي آهي ۽ ڀارتي ٽيم به ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ آمريڪا ۾ ڊيرا ڄمائي ورتا آهن.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارتي ٽيم تي اڳوڻن ڪرڪيٽرز ۽ تجزيا ڪارن طرفان تبصرا به ڪيا پيا وڃن.
عرفان پٺاڻ جو چوڻ آهي ته ڀارتي ٽيم ۾ وڌيڪ بالنگ آپشنز هجڻ گهرجن ڇو ته ويرات، روهت ۽ ياديو بالنگ ناهن ڪرائيندا ۽ ٽنهي ڄڻن ڀارتي ٽيم کي معذور بڻائي ڇڏيو آهي.
اڳوڻي ڪرڪيٽر ٽيم ۾ يشاسوي جيسوال جي شموليت جي حمايت ڪندي چيو ته هو بيٽنگ سان گڏوگڏ ضرورت پوڻ تي بالنگ به ڪندو آهي.
هن جو چوڻ هو ته آسٽريليا وٽ مچل مارش، گلين ميڪسيول ۽ ڪيمرون گرين جهڙا رانديگر آهن جيڪي بيٽنگ سان گڏوگڏ بالنگ به ڪرائي سگهن ٿا.

ViratKohli RohitSharma India

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.