اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف عدت ۾ نڪاح ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف عدم ۾ نڪاح ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون اچي وئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي جج شاهه رخ ارجمند جي درخواست منظور ڪري ورتي.
عدالت ڪيس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شاهه رخ ارجمند وٽان ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا جي عدالت ٽرانسفر ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا جج شاهه رخ ارجمند تي اعتراض ڪيو هو، جنهن کانپوءِ جج ڪيس ٻي عدالت ٽرانسفر ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکيو هو.
imrankhan bushrabibi pti