اسلام آباد: ڊاڪٽر اي ڪيو خان اسڪول ۽ ڪاليج سسٽم ابراهيم ڪيمپس ۾ شاگردن جي آجيان ۽ الوداعي تقريب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر اي ڪيو خان اسڪول سسٽم اينڊ ڪاليج، ابراهيم ڪيمپس ۾ نون شاگردن جي آجيان ۽ پاس آئوٽ بيج لاءِ الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي.

تقريب ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جناب عبدالڪبير قاضي ۽ گلگت بلتستان جي تعليم واري وزير غلام شهزاد آغا خاص مهمان طور شرڪت ڪئي

تقريب ۾ شاگردن اسٽيج تي پهچي ڪاميڊي ڪئي، ٽيبلوز ۽ شاعري سان گڏ تقريرن ذريعن صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو

تقريب دوران ڊائريڪٽر اسڪالرشپ پروگرام ناصر اقبال چوڌري خطاب ڪندي مهمانن ۽ نون شاگردن کي آجيان ڪئي ۽ پاسنگ آئوٽ بيج کي الوداع ڪيو

خاص مهمان عبدالڪبير قاضي خطاب دوران محبت ۽ درمندي سان زندگي گذارڻ جي اهميت تي زور ڏيڻ سان گڏ آجيان ۽ الوداع وچ ۾ فرق جي اهميت تي روشني وڌي، تقريب دوران هن شاگردن جي وظيفي ۾ اضافي جو به اعلان ڪيو.

تقريب جي آخر ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران فڪلٽي جي ميمبرن، هاسٽل عملي ۽ پاس آئوٽ ٿيل شاگردن ۾ تحفا ورهيا، تقريب ۾ مهمانن ۾ اعزازي شيلڊون پڻ تقسيم ڪيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.